ديوان مسڪين 2

ديوان مسڪين 2 (ڪتاب): ديوان مسڪين، خيرپور جي حڪمران ٽالپر گهراڻي جي نامور عالم ۽ شاعر مير سهراب خان ٽالپر ثاني تخلص ’مسڪين‘ جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي. ’ديوان مسڪين‘ مير سهراب خان پنهنجن هٿن سان قيد ۾ لکيو هو. هن ديوان ۾ غزل حروف تهجيءَ مطابق الف ب جي ترتيب سان رکيل آهن. ديوان ۾ تقريباً ساڍا پنج سئو غزل آهن، جن ۾ ڪافي فارسيءَ جي نامور شاعرن حافظ شيرازي، سعدي شيرازي، طالب آملي، سنجر ڪاشاني، شوڪت بخاري، شاهي شبزواري، محتشم ڪاشاني ۽ ٻين شاعرن جي غزلن تي چيل تتبع آهن. غزلن تي علم معاني، علم بيان ۽ فصاحت ۽ بلاغت جو گهرو اثر آهي. سندس ڪلام ۾ گهڻي سادگي آهي. دل کي وڻندڙ ٻولي، دلڪش تشبيهون ۽ ٿورن لفظن ۾ وڏو مقصد بيان ڪرڻ سندس ڪلام جون خاص خوبيون آهن. ديوان مسڪين اڃا تائين قلمي صورت ۾ موجود آهي. هن ديوان جو هڪ قلمي نسخو خيرپور جي ٽالپر گهراڻي جي لائبرريءَ ۾ ۽ ٻيو نسخو مرزا عباس علي بيگ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو